اسلام آباد – 28 – مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاج??ست??ن سان واپاري ۽ اقتصادي لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ڀائر ملڪن جي ترقي جي لاءِ واپار ۽ سيڙپڪاري وڌائڻ جي لاءِ قدم کنيا وڃن، پا??ست??ن ”ويزن وچ ??يشيا“ پاليسي تحت سمورن وچ ??يشيائي رياستن سان بهتر، نتيجاخيز ۽ پائيدار رابطا قائم ڪرڻ چاهي ٿو، پا??ست??ن وچ ??يشيا سان سياسي، اقتصادي ۽ توانائي جي شعبن ۾ رابطا مضبوط بڻائڻ جي لاءِ پرعزم آهي، ڪاسا 1000 توانائي منصوبو ويزن وچ ??يشيا جو هڪ اهم جز آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي تاج??ست??ن جي لاءِ نامزد سفير محمد سعيد سرور سان ڳالهائي رهيو هو. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته پا??ست??ن جا تاج??ست??ن سان گهرا تاريخي ۽ ثقافتي رابطا آهن، تاج??ست??ن ۾ پا??ست??ن جو سفير توانائي ۽ واپاري لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ لاءِ ڪم ڪري، نامزد سفير تاج??ست??ن ۾ پا??ست??ن جي اميج کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڪم ڪري. صدر ٻنهي ملڪن جي تعليمي ادارن جي وچ ۾ علمي رابطا قائم ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته تاجڪ شاگرد ورچوئل يونيورسٽي ۽ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي تعليمي مواد تائين پهچ حاصل ڪري فائدو کڻي سگهن ٿا. صدر ڀارت جي اقليت دشمن ۽ مسلمان دشمن پاليسين کي اجاگر ڪ??ڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز پاران ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڪيل ظلمن کي پڻ اجاگر ڪيو وڃي. صدر ڊاڪٽر عارف علوي محمد سعيد سرور کي تاج??ست??ن ۾ بطور پا??ست??ن جي سفير مقرري تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته نامزد سفير ڀائر ملڪ تاج??ست??ن سان ٻطرفا لاڳاپا وڌيڪ مستحڪم ڪ??ڻ جي لاءِ ڪم ڪري.