اسلام آباد – 28 – فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عدالت جي ٻاهر صحافين سان پوليس جي بدسلوڪي جي شديد مذمت ڪندي وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ کي واقعي جو سختي سان نوٽيس وٺڻ جي درخواست ڪئي آهي. پنهنجي بيان ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته پي ٽي آءِ ۽ پوليس جو صحافين تي تشدد انتهائي مذمت جوڳو آهي، ص??افين سان معذرت ڪريان ٿي، گهرو وزير راڻا ثناءُ الله سان معاملي تي ڳالهه ڪئي آهي، گهرو وزير کي درخواست ڪئي آهي ته صحافين سان ان واقعي تي معذرت ڪئي وڃي. هن چيو ته گهرو وزير ڪارروائي ڪري ته پوليس تماشائي ڇو بڻيل رهي؟ حملي آورن جا هٿ روڪڻ بدران ميڊيا کي نش??نو بڻائيندڙن جو تعين ڪيو وڃي. هن چيو ته گيٽ پي ٽي آءِ جا فسادي ٽوڙين ۽ ڏنڊا بيگناهه صحافي کائين، ائين نه هلندو. هن چيو ته پيشيواراڻيون ذميواريون س??ان??ام ڏيندڙ صحافين تي تشدد افسوس جوڳو ۽ ناقابل قبول آهي. صحافي هر طرح جي سخت ۽ مشڪل حالتن ۾ عوام کي آگاهه ڪرڻ جي لاءِ قابل قدر ڪم ڪن ٿا، ص??افين جو احترام ۽ انهن کي فرض س??ان??ام ڏيڻ ۾ سهولت فراهم ڪرڻ پوليس جي ذميواري آهي.