انقره – 17 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف تر??يه جي زلزلي سان سڀ کان وڌيڪ متاثر ٿيندڙ شهر آديامان جو دورو ڪيو آديام??ن پهچڻ تي وزيراعظم جو واپار واري وزير مهمت موش، ٽرانسپورٽ ۽ انفراسٽرڪچر واري وزير عادل ڪريس ميلو اوغلو، آديامان جي گورنر ۽ ٻين اعليٰ عهديدارن استقبال ڪيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب تر?? پارليامينٽ ۾ پاڪستان – تر??ي فرينڊشپ گروپ جي چيئرپرسن علي ساهين وزيراعظم سان گڏ انقره ۾ آديام??ن پهتا. وزيراعظم سرديءَ جي موسم جي خيمن جي امدادي کيپ تر?? عملدارن جي حوالي ڪئي جيڪا پاڪستان مان سي 130 جهاز ذريعي پهتي. تقريب کانپوءِ تر?? ڊيزاسٽر ريليف اٿارٽي (اي ايف اي ڊي) پاران جاري بچاءُ ۽ امدادي سرگرمين بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته سمورين رڪاوٽن تي ضابطو آڻڻ ۽ سمورن چئلينجن کي شڪست ڏيڻ جي روايتي تر?? جذبي سان تر?? قوم ان قدرتي آفتن مان اڳ کان وڌيڪ مضبوط نڪرندي. هن چيو ته تر??يه س??ائ??ن پاڪستان کي پاڻ سان گڏ ڏسندو. بعد ۾ وزيراعظم آديامان شهر جي زلزلي متاثر مختلف حصن جو دورو ڪيو ۽ پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان ڳالهه ٻولهه ڪئي جيڪي علائقي ۾ سرچ ۽ بچاءُ جي ڪاررواين ۾ مصروف آهن. وزيراعظم انهن جي جذبي ۽ پيشيواراڻي مهارت کي ساراهيو ۽ ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪستان ريسڪيو، ريليف ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ فعال ڪردار ادا ڪندو رهندو. ان موقعي تي وزيراعظم زلزلي متاثرين سان به ڳالهه ٻولهه ڪئي جن تر??يه جي لاءِ پاڪستان جي مضبوط ۽ پرعزم حمايت سان گڏوگڏ پاڪستاني ريسڪيو ٽيمن پاران جانيون بچائڻ ۾ موثر ڪردار ادا ڪرڻ تي انهن جا ٿورا مڃيا.