اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي سامان کڻي خصوصي جهاز اڄ رات 10 وڳي ترڪيه روانو ??ين??و. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي 130 جهاز ??ڪلالا ايئربيس تان آرمي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي سڌو ترڪيه جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ پهچندو. 7 فيبروري جي صبح پي آءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سامان ترڪيه روانو ??ين??و. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار به شامل آهن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 جهاز 7 ٽن امدادي سامان کڻي استنبول روانو ??ين??و. امدادي سامان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ??ين??ڙ خيما، ڪمبل ۽ ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. 8 فيبروري تي پي آءِ اي جي اڏامن جي ذريعي اسلام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام موڪليو ويندو. صحت وار?? وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام موڪليون وينديون.