اسلام آباد -04 فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اڄ يوم يڪجهتي ڪشمير جي موقعي تي پاڪستاني عوام پنهنجي ڪشميري ڀا??رن ۽ ڀينرن جي قربانين کي سلام پيش ڪري ٿو جنهن گذريل 75 سالن کان وڌيڪ عرصي کان وحشياڻي ڀا??تي ڏاڍ ۽ ظمن کي منهن ڏنو آهي. يوم يڪجهتي ڪشمير جي حوالي سان پنهنجي هڪ بي??ن ۾ پرڏيهي وزير چيو ته 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان ڀا??تي قابض فوج ڪشميرين تي ظلم ڪري رهي آهي ۽ کين سندن حقن کان محروم ڪري رکيو آهي، هن چيو ته اڄ ڀا??ت جي غير قانوني قبضي هيٺ ڄمون ڪشمير دنيا جي سڀ کان وڏي فوجي مقرري وارن علائقن مان هڪ آهي جتي 9 لک کان وڌيڪ قابض ڀا??تي فوجي مقرر آهن. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته ڀا??ت 5 آگسٽ 2019ع جي پنهنجي غير قانوني ۽ هڪطرفن قدمن سان والاريل ڄمون ڪشمير جي ماڻهن کي دٻائڻ جو نئون باب کولي ڇڏيو آهي، ڀا??تي حڪمرانن چونڊ تڪن جي تازي حد بندي، غير ڪشميرين کي لکين ڊوميسائيل سرٽيفڪيٽس جاري ڪرڻ ۽ ووٽر لسٽن ۾ لکين غير ڪشميرين کي شامل ڪيو آهي جنهن جو مقصد ڪشميرين کي انهن جي پنهنجي سرزمين ۾ هڪ بي اختيار اقليت ۾ تبديل ڪرڻ آهي، هن چيو ته ڪشميري مسلسل خوف جي حالت ۾ زندگي گذاري رهيا آهن ڇاڪاڻ ته ڀا??تي فورسز طرفان گهيراءُ ۽ تلاشي جي ڪاررواين ۾ طاقت جو انڌاڌنڌ استعمال ۽ عدالتن کا?? مٿانهين قتل جو سلسلو جاري آهي، سياسي ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن کي پنهنجي ڳالهه مڃرائڻ، غير قانوني حراستن، تشدد ۽ جائيدادن جي ضبطي کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي، هن چيو ته ڀا??ت کي پنهنجي غير قانوني قبضي هيٺ والاريل ڄمون ڪشمير ۾ انساني حقن جي پنهنجي سنگين خلاف ورزيون ختم ڪرڻيون پونديون. ڀا??ت آبادياتي ڍانچي ۾ تبديلين سميت 5 آگسٽ 2019ع جي هڪطرفي ۽ غير قانوني قدمن کي واپس وٺي. هن چيو ته ڀا??ت سخت قانونن کي ختم ڪري ۽ عدالت کا?? مٿانهين قتل جي معاملن ۾ گڏيل قومن جي طرفان ڏنل جاچ جي اجازت ڏي ۽ ڄمون ڪشمير تي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي عملدرآمد ڪري. پرڏيهي وزير چيو ته مون پنهنجي ڪشميري ڀا??رن ۽ ڀينرن کي ياد ڏيارڻ چاهان ٿو ته جيستائين ڪشميري ڀا??تي ظلمن جو شڪار آهن، پاڪستان ڪڏهن به سک سان نه ويهندو ۽ نه ئي خاموش تماشائي بڻجندو. ڄمون ڪشمير جو تڪرار پاڪستان جي پرڏيهي پا??يس?? جو اهم جزو رهندو. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسان ڪشميري عوام جي ان وقت تائين اڻٽر اخلاقي، سفارتي ۽ سياسي حمايت جاري رکندا جيستائين ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب خودمختياري واري حق حاصل نٿو ٿئي.