پشاور – 30 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ليڊي ريڊنگ اسپتال پشاور پهتو جتي هن ملڪ سعد شهيد پوليس لائينز ??ي مسجد ۾ ٿيندڙ ڌماڪي جي زخمين جي عياد?? ڪئي. ايل آر ايڇ پهچڻ ت?? نگران وڏي وزير اعظم خان، وزيراعظم جي سياسي معاملن واري صلاحڪار انجنيئر امير مقام، آءِ جي پوليس معظم جا?? انصاري وزيراعظم جو استقبال ڪيو. دفاع وارو وفاقي وزير خواجه محمد آصف، وفاقي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ۽ صوبائي حڪومت جا ٻيا عملدار پڻ وزيراعظم سان گڏ موجود هئا. وزيراعظم ايل آر ايڇ ??ي مختلف وارڊز جو دورو ڪيو ۽ زخمين جي عياد?? ڪئي. وزيراعظم اسپتال انتظاميا کي هداي?? ڪئي ته زخمين کي بهترين طبي سهولتون فراهم ڪيون وڃن.