اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته منهنجي صحبت پور دوري جو مقصد ٻوڏ متاثرين سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ ۽ انهن کي اهو احساس ڏيارڻ هو ته آئون ۽ منهنجي حڪومت انهن جي بحالي لاءِ سرگرم عمل آهن. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته 9 جنوري تي جنيوا ۾ ٿيندڙ ڊونرز ڪانفرنس ۾ ٻوڏ متاثرين جو ڪيس دنيا آڏو رکندس. هن چيو ته مون پنجاب ۾ قائم دانش اسڪولن جي طرز تي بلوچستان ۾ جديد ??هو??تن سان ليس 12 نئين دانش اسڪولن جي قيام جو اعلان ڪيو آهي، اهي اسڪولز غريب ۽ پٺتي پيل ع??ائقن سان تعلق رکندڙ ٻارن جي لاء?? علم ۽ هنر ۽ ترقي جون نيون راهون ڳولڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندا.