لاهور – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي، پاڪ و??ن اسان سڀني کان اتحاد، ٻڌي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب جي وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي، اڳوڻي وفاقي وزير مونس الاهي ۽ ايم اين اي حسين الاهي سان ملاقات دوران ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات دوران گڏيل دلچسپي جي ??عا??لن ۽ سياس?? ۽ ??عاشي صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وڏي وزير چوڌري پرويز الاهي صدر کي پنجاب ۾ جاري ترقياتي منصوبن کان آگاهه ڪيو. وڏي وزير صدر کي عوام جي ريليف جي لاءِ کنيل قدمن بابت آگاهه ڪيو. ملڪي معيشت کي وڌيڪ ??هت?? بڻائڻ بابت ڳالهه ٻولهه ڪندي صدر چيو ته اسان کي پاڪستاني بڻجي رڳو پاڪستان جو ئي سوچڻو آهي، سياست ۾ ڪا شيءَ حرف آخر ناهي هوندي، ملڪ جي وسيع تر مفاد کي نظر ۾ رکندي فيصلا ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته پاڪ و??ن اسان سڀني کان اتحاد، ٻڌي ۽ سياسي رواداري جي گهرج ڪري رهيو آهي، ??عا??لن کي خوش اسلوبي سان حل ڪرڻ جي لاءِ ڪوششون ڪري رهيا آهيون. صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته الله تعاليٰ مان پوري اميد آهي ته پاڪستان جي لاءِ ??هت?? رستو نڪري ايندو.