اسلام آ??اد – 01 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ??هي ته ڪوپ 27 تاريخي ڪانفرنس هئي جنهن ۾ ٽن ڏهاڪن کان تعطل جو شڪار لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جو قيام عمل ۾ ??هي?? اهو فنڊ پاڪستان جهڙن اسرندڙ ملڪن جي لاءِ مددگار ثابت ٿيندو، فنڊ جي قيام سان عالمي اتر ۽ ڏکڻ جي وچ ۾ واپاري خساري تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. شرم الشيخ ۾ ٿيندڙ ڪوپ 27 ڪانفرنس جي حوالي سان منعقد ڪيل تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيوته پاڪستان جي وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير ڪوپ 27 ۾ ڀرپور انداز ۾ شرڪ?? ڪئي ۽ اهم ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم ڪانفرنس ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ جي تباهي کي موثر انداز ۾ اجاگر ڪيو، وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير لاس اينڊ ڊيميج فنڊ جي قيام جي حوالي سان اهم ڪردار ادا ڪيو. جڏهن ته ان کان اڳ تقريب کي خطاب ڪندي موسمياتي تبديلي واري وزير شيري رحمان چيو ??ه ڪوپ 27 ۾ ڪامياب سفارتڪاري تي سمورين ڌرين جا ٿورا مڃون ٿا، وزيراعظم جي قيادت ۽ رهنمائي ۾ اهو سڀ ڪجهه ممڪن ٿي سگهيو ??هي. هن چيو ??ه تازين برساتن ۽ ٻوڏ سان پاڪستان کي تمام گهڻو نقصان ٿيو ??هي?? موسمياتي تبديلي جي اثرن جو شڪار ملڪ ترقي يافته ملڪن کان تعاون چاهين ٿا. ان موقعي تي ان موقعي تي شرڪت ڪندڙن کي موسمياتي تبديلي واري وزارت پاران پاڪستان ۾ ٻوڏ سان ٿيندڙ تباهين، امدادي سرگرمين، وزيراعظم، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ وفاقي ڪابينا جي ٻوڏ متاثر علائقن جي دورن بابت ڊاڪيومينٽري پڻ ڏيکاري وئي.