شرم الشيخ- 17 نومبر (اي پي پي) رٿابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال چيو آهي ته پاڪستان ۾ گرين انويسٽمينٽ اولين ترجيح آهي، حڪومت فاسل فيول جي استعمال بدران شمسي توانائي کي فروغ ڏيڻ لاءِ قد?? کڻي رهي آهي، پاڪستان حڪومت 10 هزار ميگاواٽ شمسي توانائي جي منصوبي جو آغاز ڪيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڏکڻ آفريقا ۽ اسرندڙ ملڪن بابت فرينڊز آف گريننگ نيشنل انويسٽمينٽ پلان جي حوالي سان پينل مباحثي ۾ شرڪت دوران ڪيو. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان ۾ 20 پٺتي پيل ضلعن کي پائيدار ترقي سان اڳتي آڻڻ جو ??نصوبو شروع ڪيو ويو آهي، هن چيو ته پاڪستان ۾ هر منصوبي جي منظوري لاءِ لازمي آهي ته هو ماحول??ات?? معيار تي پورو لهي ٿو. پاڪستان جو گلوبل وارمنگ ۾ هڪ سيڪڙو کان گهٽ حصو آهي، پاڪستان هن وقت انهن ست ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي ماحول??ات?? تبديلي جو بدترين شڪار آهن، موسم??ات?? تبديلي پاڪستان ۾ رڪارڊ گرمي، طوفاني برساتن ۽ ٻوڏ جو سبب بڻي. موسم??ات?? تبديلي جا اثر افسانو نه پر هڪ حقيقت آهن، موسم??ات?? تباهي جو ??اڪستان ۾ 33 ملين ماڻهن تي سڌو سنئون اثر پيو. وفاقي وزير چيو ته عالمي مال??ات?? نظام موسم??ات?? تبديلي جي ايجنڊا کي منهن ڏيڻ ۾ ناڪام رهيو، عالمي سطح تي موسم??ات?? تبديلي سان هم آهنگ انفرا اسٽرڪچر لاءِ فنڊ قائم ڪيو وڃي، اسريل ملڪن کي پ??هن??ي ذميداري پوري ڪرڻي پوندي. ٻي صورت ۾ تباهي انهن کي به پ??هن??ي لپيٽ ۾ آڻيندي. اسان کي پ??هن??ي نسلن لاءِ موسم??ات?? ماحول کي بچائڻو آهي، موسم??ات?? تبديلي جي ناڪاري اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ اسرندڙ ملڪ پ??هن??ي تجربن جي مٽاسٽا ڪن، هن چيو ته برساتن ۽ ٻوڏ جي نتيجي ۾ پاڪستان ۾ تمام گهڻي تباهي ٿي آهي، ملڪن کي شديد نقصان پهتو، انفرا اسٽرڪچر ۽ مواصلات جو ??ظام درهم برهم ٿي ويو آهي، 30 ارب ڊالر کان وڌيڪ جو ??قصان ٿيو ۽ سوين قيمتي جانيون ضايع ٿيون، متاثرن جي آبادڪاري لاءِ منصوبابندي ??ئي وئي آهي، وفاقي وزير چيو ته اميد ڪريون ٿا ته عالمي برادري نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪمن ۾ پاڪستان جي مدد ڪندي، قدرتي آَفتن کي منهن ڏيڻ لاءِ لائحه عمل جو دائرو ضلعن تائين وڌايو ويو آهي.