اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارت جي غيرقانوني قبضي جي خلاف ڪاري ڏينهن جي موقعي تي وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد ۾ پرڏيهي آ??يس ۾ ڪشميري عوام سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ هڪ تقريب منعقد ٿي ج??هن ته هڪ ريلي به ڪڍي وئي جنهن ۾ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر، پرڏيهي وزارت جي آ??يسرن ۽ عملي جي ميمبرن شرڪت ڪئي. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وزير حنا رباني کر چيو ته گڏيل قومون ڪشمير مسئلو حل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪري، ڪشميري عوام 75 سالن کان ڀارتي ڏاڍ ۽ ظلم برداشت ڪري رهي آ??ي، پاڪستان ڪشميري عوام سان گڏ بيٺل آهي ۽ بيٺل رهندو. هن چيو ته 27 آڪٽوبر 1947ع کان شروع ٿيندڙ ظلم اڄ به جاري آ??ي، ڀارت والاريل ڪشمير ۾ماڻهن کي عدالت کان مٿانهون قتل ڪري ره??و آهي. هن عالمي برادري کي چيو ته اها ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ رياستي دهشتگردي ۽ انساني ح??ن جي خلاف ورزين تان نظرون نه هٽائي.